حامد دودائي

حامد دودائي: ’تحفة الڪرام‘ ۾ مير علي شير قانع ٺٽويءَ لکيو آهي ته: ”مخدوم حامد دودائي بزرگيءَ جي خوبين جو مالڪ ۽ هڪ وڏو عالم ٿي گذريو آهي. هي گرهرين (گروهڙ) جو قاضي هوندو هو، سندس پٽ مخدوم صابر پيءُ کانپوءِ گادي نشين ٿيو. انهيءَ کانپوءِ صابر جو پٽ مخدوم ابوالبقا هن عهدي جو مسند نشين ٿيو. مخدوم حامد وڏو عالم، فاضل ۽ صاحب ڪشف بزرگ ٿي گذريو آهي. هو پير آريءَ ۾رهندو هو. پنهنجي وقت جو وڏو صاحب ڪشف بزرگ درويش احمد مخدوم حامد جو صحبتي هو.“


لفظ حامد دودائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو